ڪلوئي رپورٽر صوفي محمد حسن نهڙيو
جيئن ته تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ کوهي مورا ۾ ٿر جو مشهور همير جوڳي ڳوٺ کوهي مورا ۾ پهتو جڏهن ته جوڳي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ڳوٺ جي ننڊڙن وڏڙن ٻارڙن کي جهومائي ڇڏيو جي ٻئي طرف نامور مشهور جوڳي جو چوڻ هو ته اسان سان هن فن سان پڻ دل آهي ٿر ۾ مختلف جوڳي ته جنهن ۾ نالي وارو همير جوڳي به هڪ آهي ۽ همير جوڳي ٻڌائيو ته آئون ڪوٽ ارباب مير محمد ۾ ويٽل آھيان ۽ مون کي ٿر جا ماڻهو لاڙ پٽ ڪاڇو جا ماڻهو پڻ فن جي مظاهرو لاءِ گھرائيندا آهن پر ٻئي طرف اسان وٽ جيڪو غريب ماڻهو جنهن نانگ ککي ويندو آهي ان لاءِ اسان ڀرپور نموني سان ڪوشش ڪري ان مريض کي صحتياب ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ نالي واري مشهور همير جوڳي اهيو ٻڌايو ته اسان جڏهن نانگ جهليندا آهيون ته نانگ جي ڪنڌ مان هٿ وجهي نانگ جا ڏندد پڻ چمٽي سان ڪٽي ڇڏيندا آهيون ۽ پوءِ نانگ ڪنهن کي ککيء نٿو سگهي هن جو چوڻ هو ته ٿرپارڪر ۾ خاص طور تي ڪارو نانگ پڻ هر هنڌ هوندو آهي پر جڏهن ته ڪارو نانگ هر ڀرون ڪنهن شخص کي ککيڻ جي ڪوشش نه ڪندو جيڪڏهن ڪنهن ب شخص ان نانگ ڇيڙ ڇاڙ ڪئي ته ڪارو نانگ ککيء ويندو!