سنجھورو ؛ رڪن ٻرڙا ويجھو ڳوٺ عبدالخالق بگٽي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هٿان 45 ورهين جو ارسلا بگٽي قتل ...........
تفصيل موجب رڪن ٻرڙا اسٽاپ ويجھو ڳوٺ عبدالخالق بگٽي ۾ رات دير سان 3 وڳي ڌاري ٻه اڻڄاتل هٿياربند ڏاڪڻ ذريعي ڀت ٽپي 45 ورهين جي ارسلا بگٽي ولد بنگو بگٽي جي گھر ۾ داخل ٿي پسٽل جا فائر ڪري کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا جڏنهن ته وارثن اڄ صبح پوسٽ مارٽم لاءِ لاش کي تعلقه اسپتال سنجھورو منتقل ڪيو جتي پوليس ۽ ڊاڪٽرن جي ڪاروائي هلندڙ هئي ، مقتول ارسلا بگٽي بلوچستان ۾ پرائمري ماستر هو ۽ سندس قتل جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌايو پيو وڃي ..........