CM Sindh & Nisar Khoro Press Confrence at CM House Sindh

2015-11-18 1

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان مڪاني چونڊن جي حوالي سان 8 ضلعن ۾ 81 يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ڪميٽين جون چونڊيون ملتوي ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪريون ٿا. سنڌ جي ماڻهن کي انڌو، بي عقل، ٻڪريون ۽ رڍون سمجهيو پيو وڃي جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي. اليڪشن ڪميشن کي جڏهن پاڻ ئي خبر نه آهي ته ان ڪهڙن تڪن تي چونڊون ملتوي ڪيون آهن ۽ انهن جو واضع اعلان به نه ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري خبر نه ٿي پوي ڪهڙو اميدوار چونڊ وڙهي يا نه وڙهي. هن چيو ته اهي تڪ بنديون اليڪشن ڪميشن ڪيو هيون؛ سنڌ حڪومت نه ڪيون هيون. اليڪشن ڪميشن پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف ڌانڌلي ڪري رهي آهي. اهو عمل غير قانوني ۽ افسوس جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سي ايم هائوس ۾ اطلاعات واري وزير نثار احمد کهڙي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته تڪ بنديون ٿيون؛ فارم ڀريا ويا، صبح چونڊون ٿيڻون آهن، 24 ڪلاڪ اڳ اليڪشن ڪميشن شهري ۽ ٻهراڙي وارا علائقا الڳ الڳ ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سان رابطي ڪرڻ باوجود ان اسان کي ڪنهن به قسم جو اطمنان جوڳو جواب نه ڏنو آهي. اميدوارن کي به خبر ناهي ته اهي چونڊ وڙهندا يا نه! هن چيو ته سنڌ سرڪار مڪاني ادارن جي حوالي سان قانون ۽ رولز به جوڙيا آهن ۽ جيڪڏهن نيون تڪ بنديون ٿيندون ته قانون موجب انهن تي اعتراض واريون اپيلون به اينديون، اهو حق به کسيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن کي به خبر ناهي ته اهي ڪهڙيون يونين ڪميٽيون ۽ يونين ڪائونسلون آهن. هن چيو ته سنڌ وارن کي انڌو، بي عقل ۽ ٻڪريون رڍون سمجهيو ٿو وڃي، ڪنهن هڪ پارٽي کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو به سڀ هڪ ڪريل ريت ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ٿئي ۽ تڪ بنديون اليڪشن ڪميشن ڪيو آهن اسان نه ڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن اسان خلاف ڌانڌلي ڪري رهي آهي اهو افسوس ناڪ ۽ غير قانوني عمل آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ رٽائرڊ جج ويٺل آهي انهن کي احساس هئڻ گهرجي. اهو عجيب طريقو آهي چونڊون وڙهڻ کان روڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳ ۾ ايئن نه ٿيو آهي. اليڪشن ڪميشن جو ڪم ووٽر لسٽون ٺاهڻ آهي، ڪو به پرزائيڊنگ آفيسر ووٽر لسٽون تبديل نه ٿو ڪري سگهي. اهو اليڪشن ڪميشن تمام وڏو بلينڊر ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي اخلاق ۽ قانون جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ۽ اسان اڪثريت سان کٽيندا سين. هن چيو آهي ته اسان قانون هٿ ۾ نه کڻنداسين ۽ نه ڪنهن کي کڻڻ ڏينداسين. هن هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان مرزا خاندان بابت ڪو به بدڪلامي وارو بيان جاري نه ڪيو آهي پر هنن حد کان وڌيڪ ڳالهايو آهي اهي مدهوش آهن. هن چيو ته مڪاني ادارن واري وزير کان رڳو قلمدان واپس ورتو ويو آهي، هو وزير رهندو، ٿي سگهي ته ان کان وڌيڪ سٺو قلمدان ملي وڃيس. هن چيو ته تڪ بندين جي حوالي سان عدالت جو فيصلو به افسوس ناڪ آهي اهو ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٿيو آهي، اسان عدالت کي نه ٿا ڳالهايون ته اسان اليڪشن ڪميشن تي ڳالهائي رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته جيڪي تڪ بنديون ٿيل آهن انهن تي چونڊون ڪرايون وڃن، اسان چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪنداسين.