CM Sindh meets ANP Senator Shahi Syed (20-10-2015)

2015-10-20 68

ڪراچي (هينڊ آئوٽ - 20 آڪٽوبر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان عوامي نيشنل پارٽي جي پنج رڪني وفد اي اين پي صوبائي صدر سينيٽر شاهي سيد جي سربراهي ۾ وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سياسي ۽ گڏيل دلچسپي وارين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عوامي نيشنل پارٽي جي وفد ۾ يونس بونيري اورنگزيب بونيري، ايم الطاف ايڊووڪيٽ ۽ حميد خٽڪ شامل هئا، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير جو معاون خاص وقار مهدي، راشد رباني پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات دوران سنڌ صوبي جي سياسي صورتحال، امن امان ۽ ٻين مامرن تي ڳالهيون ٿيون، عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر سينيٽر شاهي سيد ۽ وفد جي ٻين ميمبرن سنڌ سرڪار پاران صوبي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ امن امان جي بهتر صورتحال قائم ڪرڻ تي به سنڌ جي وڏي وزير جي ڪاوشن جي ساراهه ڪئي ۽ امن امان جي بهتري لاءِ پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو، اي اين پي وفد وزير اعليٰ سنڌکي پنهنجن شهري مسئلن بابت آگاهه ڪيو. جنهن تي وڏي وزير انهن کي يقين ڏياريو ته انهن جا سڀئي جائز مسئلا حل ڪيا ويندا.

کراچی (20۔اکتوبر ): عوامی نیشنل پارٹی سندھ کے پانچ رکنی وفد نے صوبائی صدر اے این پی سینیٹر شاہی سید کی سربراہی میں وزیراعلیٰ سندھ سید قائم علی شاہ سے وزیراعلیٰ ہاؤس میں ملاقات کی اور سیاسی و باہمی دلچسپی کے امور پر تبادلہ خیال کیا گیا۔ عوامی نیشنل پارٹی کے وفد میں یونس بونیری، اورنگزیب بونیری،ایم الطاف ایڈووکیٹ اور حمید خٹک ایڈووکیٹ شامل تھے، جبکہ وزیراعلیٰ سندھ کے معاونین خصوصی وقار مہدی، راشد ربانی بھی ملاقات میں موجود تھے۔
ملاقات کے دوران صوبہ سندھ کی سیاسی صورتحال،امن امان اور دیگر امور سے متعلق بات چیت کی گئی، عوامی نیشنل پارٹی کے صوبائی صدر سینیٹر شاہی سید اور وفد کے دیگر ارکان نے حکومت سندھ کی جانب سے صوبہ سندھ باالخصوص کراچی میں امن و امان کو بہتر بنانے پر وزیراعلیٰ سندھ کی کاوشوں کو سراہا اور امن امان کی بہتری کیلئے اپنے مکمل تعاون کا یقینی دلایا، وفد نے وزیراعلیٰ سندھ کو اپنے شہری مسائل سے بھی آگاہ کیا، جس پر وزیراعلیٰ سندھ نے انہیں یقین دلایا کہ ان کے تمام جائز مسائل حل کرلئے جائیں گے۔

Free Traffic Exchange